سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي

سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي

سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي

سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي: سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي ۾ قائم پراڻو ۽ مشهور اسڪول آهي، جيـڪـو 1861ع ۾ قائم ٿيو. هـن اسڪـول ۾ شـروعـات ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي تعليم حاصل ڪندا هئا پر 1862ع ۾ ان کي ٻن حصن ۾ الڳ ڪيو ويو، جنهن اسڪول ۾ ڇوڪرا تعليم حاصل ڪندا هئا، ان کي ’هاءِ اسڪول‘ چيو ويندو هو ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ بلڊنگ قائم ڪئي وئي. ان اسڪول ۾ مئٽرڪ تائين تعليم ڏني ويندي آهي. هن اسڪول جي موجوده عمارت 1893ع ۾ تعمير ٿي.
هن اسڪول مان سنڌ جا ڪيترائي اهم عهدن تي رهندڙ ماڻهو پڙهي نڪتا آهن، جن ۾ ڀارت جو مشهور سياستدان لال ڪرشن آڏواڻي، اڳوڻو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو، محمد ايوب کهڙو، محمود هارون، شاهنواز ڀٽو، الاهي بخش سومرو، يوسف هارون وغيره شامل آهن. پاڪستان جو اڳوڻو صدر جنرل پرويز مشرف ۽ اڳوڻو وزيراعظم شوڪت عزيز به هن اسڪول ۾ پڙهيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو